رستم

رستم

رستم 3

رستم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي، جيڪو دنيا جي عظيم پهلوان رستم جي لوڪ ڪٿا تي مشتمل آهي. ليکڪ، رستم پهلوان جو قصو ايران جي بادشاهن جي تاريخ تان ورتو آهي. جڏهن ته فردوسيءَ جي شاهنامي مان معلومات ترجمو پڻ ڪئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1880ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته هي ٽيون ڇاپو تعليم کاتي بمبئي پاران سڌاري 1915ع ۾ ڪراچي پرٽنگ ورڪس، بندر روڊ ڪراچي مان ڇپايو ويو. ڪتاب سرڪار 1867ع جي ايڪٽ نمبر 25 تحت رجسٽرڊ ٿيل آهي. ڊيمي سائيز ڪچي جلد سان 62 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو